راهوجو، شير محمد

راهوجو، شير محمد

شيرمحمد راهوجو

شير محمد راهوجو : ضلعي دادو جو معروف عوام دوست ڪامورو مرحوم شير محمد راهوجو ولد غلام قادر راهوجو تعلقي خيرپورناٿن شاهه جي ڳوٺ راهوجا ۾ پهرين ڊسمبر 1912ع تي ڄائو. هن ابتدائي تعليم گوزي مان 1922ع ۾ ورتي. مئٽرڪ 1927ع ۾ تلوڪ چند چنگومل هاءِ اسڪول ميهڙ مان پاس ڪئي. انٽر 1929ع تي بمبئي يونيورسٽيءَ ۾، بي.اي (آنرز) 1931ع ۾ ساڳئي يونيورسٽيءَ مان ڪئي. بي.سي.ايس/ٽي.سي جا 5 ساله ڪورس به هن بمبئي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيا. شير محمد راهوجي ملازمت جي شروعات سنڌ مدرسه اسڪول ڪراچيءَ ۾ 27 آگسٽ 1945ع تي اسسٽنٽ ماسٽر سان ڪئي. جڳ مشهور دانشور ۽ ڏاهو محمد ابراهيم جويو سندس ساٿي رهيو، جيڪو ساڻس ساڳئي ڪمري ۾ گڏ رهندو هو. نامور سياستدان رسول بخش پليجو سندس شاگرد رهيو. 11 فيبروري 1952ع تي هن جي بدلي لاڙڪاڻي ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ ڪئي وئي، جتي هو 5 سال استاد رهيو. 1954ع ۾ هن کي ترقي ڏيئي ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽر آف اسڪولس (D.I.S) مقرر ڪيو ويو. هن کي پهرين شڪارپور ۾ پوءِ نواب شاهه، لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعن ۾ ترتيبوار مقرر ڪيو ويو. شهرن خاص ڪري ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ اسڪول ۽ ڪاليج کولرايا، غريب ماڻهن جي ٻارڙن جي تعليم لاءِ وظيفا مقرر ڪرايا ۽ گڏوگڏ انهن جي رهائش، کاڌي پيتي جا انتظام پڻ ڪرايا. هن هڪ ٻيو اهم نيڪيءَ جو ڪم ڪيو جو هن دادوءَ جي غريب آباد پاڙي ۾ پنهنجي کيسي مان خرچ ڪري هڪ پلاٽ ورتو، جنهن تي هن هڪ خيراتي اسڪول کوليو، جنهن ۾ غريب، بي پهچ ۽ لاوارث ٻارڙن کي تعليم ڏيڻ جو اهتمام ڪيائين. انهيءَ اسڪول جي عمارت جي ٺهرائڻ جو خرچ وغيره به هن پنهنجي گهران برداشت ڪيو. 1973ع کان پوءِ هن اسڪول کي گورنمينٽ جي تحويل ۾ ورتو ويو. هينئر اهو اسڪول گورنمينٽ پرائمري مين اسڪول غريب آباد دادو جي نالي سان به ڪم ڪري رهيو آهي. ان کان علاوه دادو شهر ۾ گورنمينٽ گرلز ڪاليج کولرائڻ ۽ ان کي هلائڻ لاءِ ليڊي ٽيچر ڀرتي ڪرائڻ ۾ شير محمد راهوجي جون اهم ڪوششون شامل هيون. شير محمد راهوجي ٻه شاديون ڪيون. پهرين گهرواريءَ مان هڪ فرزند-جميل احمد راهوجو، حبيب بئنڪ ۾ وائيس پريزيڊنٽ هو، جيڪو 2010ع ۾ وفات ڪري ويو، ٻيو فرزند- خليل احمد راهوجو S.R.T.C ۾ سپروائيزر هو. ان کانپوءِ هو فيملي پلاننگ ۾ ڊسٽرڪٽ پلاننگ آفيسر ٿيو، بعد ۾ نوڪري ڇڏي زمينداري ڪرڻ لڳو. ٻي گهرواري مان خليق احمد راهوجو چيف انجنيئر سول ايوي ايشن اٿارٽي آهي. شير محمد جي پنجن نياڻين مان هڪ نياڻي صفيه راهوجو ڪهاڻيڪار هئي، جنهن جو هڪ ڪهاڻين جو مجموعو به ڇپيل آهي. شير محمد راهوجو 30 ڊسمبر 1982ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. کيس ڳوٺ حاجي لعل بخش راهوجي جي قبرستان ۾ دفنايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو